آصف علي زرداري هريش اينڊ ڪمپني ڪيس ۾ نيب راولپنڊي آڏو پيش  ٿي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو

اڳوڻو صدر آصف علي زرداري هريش اينڊ ڪمپني ڪيس ۾ نيب راولپنڊي آڏو پيش  ٿي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو،  نيب جي گڏيل جاچ ٽيم طرفان آضف زرداري کان ٻن انڪوائريز ۾ ڏيڍ ڪلاڪ تائين پڇا ڳاڇا   ڪئي وئي.

اڳوڻو صدر آصف علي زرداري هريش اينڊ ڪمپني ڪيس ۾ نيب راولپنڊي آڏو پيش  ٿيو، ان موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا.

نيب جي گڏيل جاچ ٽيم طرفان آصف زرداري کان ٻن انڪوائريز ۾ ڏيڍ ڪلاڪ تائين پڇا ڳاڇا   ڪئي وئي.

آصف زرداري اوپل 225 منصوبي ۾ ابتدائي ۽ مبينا ٽرانزيشن انڪوائري ۾ بيان رڪارڊ ڪرايو.

آصف زرداري  پڇا ڳاڇا مڪمل ٿيڻ بعد نيب آفيس  کان واپس روانو ٿي ويو.

ذريعن موجب، نيب پاران ڪمپني اڪائونٽ مان نئون ديرو هائوس جا خرچ ادا ڪرڻ جا الزام  لڳايا ويا آهن.

واضح رهي ته آصف زرداري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان عبوري ضمانت حاصل ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*