سنڌ جي مختلف کاتن جي سيڪريٽريز جي مقررين ۽ بدلين جو سلسلو جاري

سنڌ جي مختلف کاتن جي سيڪريٽريز جي مقررين ۽ بدلين جو سلسلو جاري آهي، آپباشي کاتي جي سيڪريٽري جمال مصطفي’ سيد کي هٽايو ويو آهي.

سنڌ جي مختلف کاتن جي سيڪريٽريز جي مقررين ۽ بدلين جو سلسلو جاري آهي.

آپباشي کاتي جي سيڪريٽري جمال مصطفي’ سيد کي هٽايو ويو، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، مائنز اينڊ منرل واري کاتي جي سيڪريٽري سعيد مڱڻيجو کي سيڪريٽري آبپاشي مقرر ڪيو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب، روينيو کاتي جي آر اينڊ ايس جي ميمبر ذوالفقار شاهه کي بدلي ڪري سيڪريٽري مائنز اينڊ منرل مقرر ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*