پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريزجي چوٿين ۽ اهم ميچ اڄ کيڏي ويندي

پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريزجي چوٿين ۽ اهم ميچ اڄ کيڏي ويندي، ميزبان ٽيم کي سيريز ۾ ٻڙي جي ڀيٽ ۾ ٻن ميچز جي برتري حاصل آهي.

گذريل ڏينهن قومي ٽيم ناٽنگهم پهچي چوٿين ۽ اهم ميچ ۾ ڪاميابي لاءِ ڀرپور ٽريننگ سيشن ۾شرڪت ڪئي.

ٽريننگ سيشن دوران ٽيم جي سمورن رانديگرن مختلف ورزشون ڪرڻ بعد نيٽ ۾ بيٽنگ ۽ بالنگ جي پريڪٽس تي ڌيان ڏنو.

پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ ناٽنگهم ۾ رٿيل چوٿين ون ڊي ميچ پاڪستاني ٽائم مطابق شام پنج وڳي شروع ٿيندي.

پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم پنج ميچز تي ٻڌل سيريز ۾ ٻڙي جي ڀيٽ ۾ ٻن ميچز جي خساري ۾ آهي،جڏهن ته پهرين ميچ برسات سبب ختم ڪئي وئي هئي.

ٻين ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان کي 12رنز تان شڪست نصيب ٿي ۽ ٽئين ون ڊي ميچ ۾ قومي ٽيم کي ڇهه وڪيٽن تان شڪست ملي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*