نيب غير قانوني اثاثا ٺاهڻ وارن الزامن جا ثبوت نه ملڻ تي غلام قادر پليجو خلاف جاچ بند ڪري ڇڏي

نيب غير قانوني اثاثا ٺاهڻ وارن الزامن جا ثبوت نه ملڻ تي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ غلام قادر پليجو خلاف جاچ بند ڪري ڇڏي، نيب جي جاچ آفيسر سنڌ هاءِ ڪورٽ کي آگاهي ڏيندي چيو ته نيب چيئرمين ڪالهه پ پ اڳواڻ خلاف جاچ بند ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ غلام قادر پيلجو خلاف غير قانوني اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس جي جاچ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌني شروع ٿيندي ئي نيب جي جاچ آفيسر عدالت کي آگاهي ڏني ته غلام قادر پيلجو خلاف ثبوت نه ملڻ تان جاچ بند ڪئي وئي آهي.

جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته ڪالهه نيب چيئرمين پ پ اڳواڻ خلاف جاچ بند ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي.

عدالت نيب جي جاچ آفيسر کي جاچ بند ڪرڻ بعد غلام قادر پيلجو  جو پاسپورٽ واپس ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*