پڊ عيدن اسٽيشن ويجهو مال گاڏيءَ جون 14 بوگيون پٽڙيءَ تان لهي ويون

پڊ عيدن اسٽيشن ويجهو مال گاڏيءَ جون 14 بوگيون پٽڙيءَ تان لهي ويون، اپر ۽ ڊائون ٽريڪ تي ريلوي ٽريفڪ متاثر، ڪراچي ۽ پنجاب کان ايندڙ ٽرينن کي مختلف اسٽيشنس تي بيهاريو ويو.

ڳوٺ ابراھيم شاھ ويجھو ڪراچي کان لاھور ويندڙ مال گاڏي جون 14 بوگيون پٽڙي تان لھي ويون.

بوگيون پٽڙي تان لهڻ  سبب اپ ۽ ڊائون ٽريڪ  تي ريلوي ٽريفڪ معطل ٿي وئي، جنهن جي ڪري ريل گاڏين کي مختلف  اسٽيشنن تي روڪيو ويو.

بوگيون هٽائي ريلوي ٽريڪ بحال ڪرڻ لاءِ  امدادي ڪارروايون جاري آهن، جڏهن ته  روهڙي مان رليف ٽرين گهرائي وئي آهي.

 هوڏانهن ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته ٽريڪ جي مڪمل بحالي ۾ 2 کان 3 ڏينهن لڳي ويندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*