انٽربينڪ ۾ ڊالر جي اڏام جاري آهي، ڊالر 2 رپيا 48 پئسا مهانگو ٿيڻ بعد تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو

انٽربينڪ ۾ ڊالر جي اڏام جاري آهي، ڊالر 2 رپيا 48 پئسا مهانگو ٿيڻ بعد تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو، انٽر بينڪ ۾ ڊالر جو اگهه 149 روپين تائين پهتو.

ملڪ اندر رپئي جي مُلهه جي ڀيٽ ۾ ڊالر جي مُلهه جي اڏام تيزي سان جاري آهي، اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر انٽربينڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروبار دوران ڊالر وڌيڪ مهانگو ٿي ويو.

انٽربينڪ ۾ ڪاروبار دوران ڊالر 2 ڏهائي 48 پئسا مهانگو ٿيڻ بعد تاريخ جي بلند ترين سطح  تي پهچي ويو آهي، جڏهن ته  انٽربينڪ ۾ ڊالر جي خريداري قيمت 147 رپيا ٿي وئي آهي.

گذريل ڏينهن به ڪاروبار جي اختتام تي ڊالر مجنموعي طور تي 5 ڏهائي 13 رپيا واڌ کان پوءِ 146 ڏهائي 52 رپين تي بند ٿيو هو.

ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ به ڪاروبار دوران ٻاڙائي جو رجحان نظر آيو، جڏهن ته 100 انڊيڪس 648 پوائنٽس گهٽجي 33 هزار 322 جي سطح تي پهچي ويو.

واضح رهي ته آءِ ايم ايف سان معاهدي کان اڳ ڊالر جو مُلهه 141 رپين کان 142 رپيا  هو، آءِ ايم ايف سان معاهدي کان پوءِ ڊالر جي اگهه ۾ وڌيڪ اضافي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*