حافظ آباد ۾ اڻڄاتل هٿياربندن ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا

پنجاب جي علائقي حافظ آباد ۾ اڻڄاتل هٿياربندن ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، متاثرن جو چوڻ آهي ته جوابدار روڪ رقم ۽ ٻيو سامان کڻي فرار ٿي ويا آهن.

فورٽ عباس جي ڳوٺ مروٽ ۾  ڇهه نامعلوم هٿياربندن رات جي اونداهي جو فائدو وٺندي چوڌري عمران جي اوطاق ۾ داخل ٿي رحمت علي ۽ عرفان کي يرغمال بڻائي  ورتو.

هٿياربند 20 ٻڪريون، 2 موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪئي، جنهن دوران مزاحمت ڪرڻ تي جوابدارن ٻن ڄڻن کي زخمي ڪري رسن سان ٻڌي فرار ٿي ويا.

پوليس چيو ته معاملي جا تفصيل ورتا آهن، تمام جلد جوابدارن کي حراست ۾ ورتو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*