لاهور هاءِ ڪورٽ ڊي جي ايل ڊي اي خلاف توهين عدالت ڪيس ۾ کيس طلب ڪري ورتو

لاهور هاءِ ڪورٽ ڊي جي ۽ ڊائريڪٽر ايل ڊي اي خلاف توهين عدالت ڪيس ۾ ڊي جي ايل ڊي اي کي طلب ڪري ورتو، عدالتي حڪم تي پوليس انسپيڪٽر ڊائريڪٽر ايل ڊي اي محمد نعمان کي گرفتار ڪري ورتو، جسٽس امير ڀٽي چيو ته اوهان پنهنجي معافي پاڻ وٽ رکو، اوهان کي عدالت سان سهڪار ڪندڙ تي جانبداري جو الزام لڳائڻ جي همت ڪيئن ٿي؟

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ڊي جي ايل ڊي اي ۽ ڊائريڪٽر ايل ڊي خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي، ايل ڊي اي ڊائريڪٽر محمد نعمان عدالت ۾ پيش ٿيو.

ڊائريڪٽر ايل ڊي اي ليگ ايڊوائزر وقار اي شيخ جي ڊي جي کي شڪايت ڪئي هئي.

ٻڌڻي دوران عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان کي عدالت سان سهڪار ڪندڙ تي جابداري جو الزام لڳائڻ جي همت ڪيئن ٿي؟

جسٽس امير ڀٽي چيو ته شرم اچڻ گهرجي، ايل ڊي اي ٻين کي عدالتن سان ڪوڙ ڳالهائڻ جو چئي ٿو. ايل ڊي اي جو سڄو سسٽم بگڙيل آهي.

ان موقعي تي ڊائريڪٽر ايل ڊي اي محمد نعمان عدالت کان معافي طلب ڪري ورتي، جنهن تي جسٽس امير ڀٽي چيو ته اوهان پنهنجي معافي پاڻ وٽ رکي.

عدالتي حڪم تي پوليس انسپيڪٽر ڊائريڪٽر ايل ڊي اي محمد نعمان کي گرفتار ڪري ورتو.

درخواستگذار چيو ته عدالتي حڪم باوجود ايل ڊي اي ايگزمشين نه ڏني رهيو آهي، عدالت ڊي جي ايل ڊي اي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪري.

ان موقعي تي ڊائريڪٽر ايل ڊي اي محمد نعمان عدالت کان معافي گهري، جنهن تي جسٽس امير ڀٽي چيو ته اوهان پنهنجي معافي پاڻ وٽ رکو.

 عدالتي حڪم تي پوليس انسپيڪٽر ڊائريڪٽر ايل ڊي اي محمد نعمان کي گرفتار ڪري ورتو.

لاهور هاءِ ڪورٽ ڊي جي ايل ڊي اي کي فوري طور طلب ڪري ورتو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*