عمران خان جي قيادت ۾ اسان نئون پاڪستان ٺاهڻ نڪتا آهيون، فردوس عاشق اعواڻ

سڌ سماءُ بابت وزيراعظم جي معاون  فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان خلاف دنيا ۾ منفي پروپئگنڊا ڪئي پئي وڃي، ريفارمز پروگرام اسان جي ايندڙ نسل جي بقا جي جنگ آهي، اسان نئون پاڪستان ٺاهڻ نڪتا آهيون.

اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته سڄي دنيا ۾ پاڪستان خلاف پروپگينڊا ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته، عمران خان ليڊر بڻجي وزيراعظم جي وزن ۾ ادارن ۾ سڌارن جي ايجنڊا آهي.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته، سياسي ڀرتيون ادارن جي شرم جو سبب بڻجنديون آهن.

وزيراعظم جي معاون خصوصي چيو ته، اي پي پي جي ورڪرز جي طاقت سان فعال ادارو ٺاهيو آهي، اي پي پي هڪ شخص جو نه پر سڄي ملڪ جو ادارو آهي.

سڌ سماءُ بابت وزيراعظم جي معاون  فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ريفارمز پروگرام اسان جي ايندڙ نسل جي بقا جي جنگ آهي، اسان نئون پاڪستان ٺاهڻ نڪتا آهيون

ان کان اڳ پنهنجي ٽوئيٽر پيغام تي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته عوام ۽ معشيت کي رتو رت ڪندڙ ۽ معاشي دهشتگردي ڪندڙ ڪهڙي منهن سان عوام وٽ وڃڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ٽن سالن ۾ ملڪي معشيت جو جنازو ڪڍندڙ وڌيڪ عوام جو تيل ڪڍڻ چاهين ٿا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*