ڪراچي ۾ جي يو آءِ پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ شهر جي مختلف علائقن مان ريليون ڪڍيون پيون وڃن

ڪراچي ۾ جي يو آءِ پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ شهر جي مختلف علائقن مان ريليون ڪڍيون پيون وڃن، جڏهن ته تبت سينٽر تي جلسو ٿيندو، جنهن کي مختلف اڳواڻ خطاب ڪندا.

 ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي قتل واقعي جي سرپرستي ڪندڙن کي بي نقاب ڪرڻ، فرار ٿيل جوابدار کي گرفتار ڪرڻ، لائوڊ اسپيڪر ايڪٽ تحت عالمن تي داخل ڪيس واپس وٺڻ ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ جي يو آءَ پاران ريليون ڪڍيون پيون وڃن.

 جي يو آءِ پاران سهراب ڳوٺ کان مولانا راشد محمود ۽ قائد آباد مان مولانا عبدالقيوم هاليجوي ۽ مولانا ناصر محمود جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ويندي.

 ريليون نمائش چورنگي تي پهچڻ بعد تبت سينٽر پهچنديون، جتي جلسي کي مختلف اڳواڻ خطاب ڪندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*