لاهور هاءِ ڪورٽ سرڪاري آفيسرز لاءِ  قومي ناڻي مان چانهه جو ڪپ پيئڻ تي پابندي  لڳائي ڇڏي

لاهور هاءِ ڪورٽ وي آءِ پي ڪلچر جي خاتمي لاءِ درخواست تي عبوري فيصلو جاري ڪندي سرڪاري آفيسرز لاءِ  قومي ناڻي مان چانهه جو ڪپ پيئڻ تي پابندي  لڳائي ڇڏي.

لاهور هاءِ ڪورٽ وي آءِ پي ڪلچر جي خاتمي لاءِ درخواست تي عبوري فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.

عدالتي فيصلي موجب، حڪمران ۽ آفيسر سرڪاري ناڻي مان چانهه نه پي سگهندا.

عدالتي فيصلي ۾ حڪمرانن ۽ سرڪاري آفيسرن کي سرڪاري ناڻي کي ذاتي طور استعمال ڪرڻ روڪيو ويو.

عدالت وفاقي حڪومت سميت لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 23 مئي تائين مقرر ڪري ڇڏي.

درخواستگذار عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته سرڪاري ناڻو عوام جي امانت آهي، حڪمران ۽ سرڪاري آفيسر سرڪاري ناڻي جا امين هوندا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*