سجاول پوليس دڙي ۾ ڳيچ ڳائيندڙ پيرسن عورت جي قتل ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي گرفتارڪري ورتو

سجاول پوليس دڙي ۾ ڳيچ ڳائيندڙ پيرسن عورت جي قتل ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي گرفتارڪري ورتو، پوليس موجب گرفتار جوابدارن ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتوآهي.

دڙي ۾ ڏيڍ مهينو اڳ قتل ڪيل  پيرسن عورت زينب ملاح جي قتل ڪيس ۾ پوليس ٻن جوابدرن نذير بلاولي ۽ ديدار بلاولي کي گرفتار ڪري ورتو.

ايس ايس پي سجاول امير سعود مگسي موجب جوابدار ديدار بلاولي جي ماءُ بختاور به زينب ملاح سان گڏ ڳيچ ڳائڻ ويندي هئي.

 جوابدارن کي بختاور جي گڏ وڃڻ تي اعتراض هو، جنهن تان ٻئي جوابدار گڏجي ڏيڍ مهينو اڳ پيرسن زينب ملاح کي قتل ڪري  لاش اسڪول ۾ اڇلائي فرار ٿي ويا هئا..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*