نيب جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ آصف زرداري خلاف وڌيڪ هڪ ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

نيب جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري خلاف وڌيڪ هڪ ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو،  نيب چيو  آهي ته سنڌ سرڪارهريش ڪمپني ۽ اومني گروپ کي غير قانوني ٺيڪا ڏنا، جاچ ۾ سهڪار نه ڪرڻ تي آصف زرداري جوابدار طور نامزد هوندو.

نيب جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري خلاف وڌيڪ هڪ ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو  آهي.

جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي سلسلي ۾ نيب جي جاچ جاري آهي ۽ جاچ ۾ وڌيڪ شاهديون سامهون اچڻ تي آصف زرداري کي غير قانوني ٺيڪن جي ريفرنس ۾ جوابدار نامزد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

نيب ذريعن موجب، سنڌ سرڪار جي آفيسرن هريش ڪمپني ۽ اومني گروپ کي غير قانوني ٺيڪا ڏنا جڏهن ته اومني گروپ جي سربراهه عبدالغني مجيد پٽ مناهل مجيد جي نالي تي بي نامي پراپرٽي قائم ڪئي.

نيب ذريعن موجب، ڊي ايڇ اي ۾ ڪرپشن جي پئسن سان ٺاهيل قيمتي پلاٽ به منجمد ڪيو ويو آهي.

نيب ذريعن موجب، جاچ ۾ سهڪار نه ڪرڻ تي آصف زرداري جوابدار طور نامزد هوندو، هريش ڪمپني  ڪيس ۾ ضمني ريفرنس داخل ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*