سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ٻن ايس ايڇ اوز خلاف مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان جو قتل ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ سکر ٻن ايس ايڇ اوز سميت 3 عملدارن خلاف مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان جو قتل ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،   2016  ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان رفيق الزمان شيخ جي ماءُ گهوٽڪي اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس عملدارن تي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست ڏني هئي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ سکر ۾ 2016  ۾ گهوٽڪي اي سيڪشن پوليس هٿان مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان رفيق الزمان شيخ جي ماءُ  حاڪم خاتون شيخ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

جسٽس محمد اقبال مھر ۽ جسٽس ارشاد شاھه تي ٻڌل بئنچ  ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان رفيق الزمان شيخ جي ماءُ  حاڪم خاتون شيخ پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته گهوٽڪي پوليس سندس پٽ رفيق الزمان شيخ کي بيماري جي حالت ۾ گرفتار ڪري سندس آزاديءَ لاءِ  30 لک رپين جي گهر ڪئي، رقم نه ڏيڻ تي پوليس منهنجي اڪيلي پٽ کي فل فراءِ ڪري ماري ڇڏيو.

عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ٻن ايس ايڇ اوز راڻا نصر الله، حميد شيخ ۽ سب انسپيڪٽر مزار مھر خلاف ايف آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جن مان هڪ ايس ايڇ او حميد شيخ 2 سال اڳ دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي چڪو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*