انگلينڊ سيريز جي چوٿين ميچ ۾ سخت ۽ دلچسپ مقابلي بعد پاڪستان کي ٽن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ورتي

پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي چوٿين ۽ اهم ميچ ۾ ميزبان انگلينڊ جيسن روءِ جي شاندار سنچري سبب پاڪستان کي هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد ٽن وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز ٻڙي جي ڀيٽ ۾ ٽن ميچز تي پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي.

ناٽنگهم ۾ کيڏي ويل اهم ميچ ۾ انگلش ٽيم جي قيادت جوز بٽلر ڪئي،جنهن ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

پاڪستان جي ٽيم مقرره 50 اوورس ۾ ست وڪيٽن جي نقصان تي 340رنز اسڪور ڪيو.

قومي ٽيم پاران بابر اعظم 115،محمد حفيظ 59، فخرزمان 57۽شعيب ملڪ 41رنز جي اننگ کيڏي.

انگلش ٽيم پاران ڪيورن چار، مارڪ ووڊ ٻه ۽آرچر هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

انگلينڊ جي ٽيم پاڪستان پاران ميچ کٽڻ لاءِ مليل 341رنز جو ٽارگيٽ آخري اوورس جي ٽين بال تي ست وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري سيريز ۾ ٻڙي جي ڀيٽ ۾ ٽن ميچز تان سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي.

جيسن روءِ 114، بين اسٽوڪس 71، جيمز وينس 43، جوءِ روٽ 36رنز جي اننگ کيڏي.

پاڪستان پاران عماد وسيم، محمد حسينن ٻه-ٻه ،جڏهن ته شعيب ملڪ، جنيد خان ۽حسن علي هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

انگلينڊ جي ٽيم پاران جيسن روءِ کي بهترين بيٽنگ جومظاهروڪرڻ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*