والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج سرچ آپريشن دوران 2 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج سرچ آپريشن دوران 2 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو، نوجوانن جي شهادت تي ڪشميرين ۽ ڀارتي فوج وچ ۾ چڪريون به ٿيون.

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي جو سلسلو رڪجي نه سگهيو آهي.

قابض فوج پلواما ۾ سرچ آپريشن دوران 2 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب، ٻن نوجوانن جي شهادت کانپوءِ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز ڪشميري نوجوانن وچ ۾ چڪريون ٿيون.

چڪرين دوران ڀارتي فوج طرفان مظاهرين تي شيلنگ ۽ پيلٽ گن جو استعمال ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*