فوج ۽ قيادت خلاف الطاف حسين جو بيان برداشت جوڳو نه آهي، ميجر جنرل عاصم باجوه

 پاڪ فوج جي ترجمان، ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين جي بيان جي لفظن ۾ مذمت ڪندي سخت رد عمل ظاهر ڪيو آهي، ڊي جـِي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته  فوج ۽ قيادت خلاف الطاف حسين جو بيان اخلاق کان ڪريل ۽ غير ضروري آهي، الطاف حسين خلاف قانوني رستو اختيار ڪيو ويندو.

ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين جي گذريل رات واري تقرير تي پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل عاصمه باوجوه سخت رد عمل ظاهر ڪندي فوجي قيادت خلاف بيان بازي جي مذمت ڪئي آهي.

ميجر جنرل عاصم باجوه چيو آهي ته، فوج  ۽ قيادت خلاف الطاف حسين جو بيان  برداشت جوڳو نه آهي، ايم ڪيو ايم جي سربراهه جو بيان اخلاق کان ڪريل ۽ غير ضروري آهي.

آءِ ايس پي آر جي  ڊائريڪٽر جنرل موجب، فوجي قيادت خلاف بنا جواز الزامن کي برداشت نه ڪيو ويندو، الطاف ميڊيا ذريعي پاڪستاني عوام کي رياست خلاف ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

آءِ ايس پي آر موجب، عوام جا جذبا ڀڙڪائڻ لاءِ ميڊيا جو سهارو ورتو ويو، ڏوهارين جي گرفتارين تي فوج ۽ قيادت خلاف بيان برداشت جوڳا نه آهن.

آءِ ايس پي آر موجب، دهشتگردن خلاف آپريشن جاري رهندو، ڏوهارين جي گرفتارين تي ان قسم جو رد عمل برداشت نه ڪيو ويندو.

ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل عاصم باجوه وڌيڪ چيو ته، فوج ۽ سڪيوٽي اداره پيشيوارڻا ذميواريون نڀائيندا رهندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*