صالح پٽ ويجهو بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ سبب زخمي ٿيل نوجوان زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو

صالح پٽ ويجهو بجلي جي ٿنڀي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب زخمي ٿيل نوجوان زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو.

گذريل ڏينهن ڳوٺ ملوئي ۾ 35 ورهين جو نوجوان ڪرم شنباڻي بجلي ٺاهڻ لاءِ 11 هزار وولٽيج جي ٿنڀي تي چڙهيو ته کيس ڪرنٽ لڳو، جنهن سبب زخمي ٿي پيو.

ڳوٺاڻن نوجوان کي ٿنڀي تي ٽنگيل ڏسي کيس زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو، جتي کيس طبي امداد ڏني وئي.

نوجوان اڄ زخمن جي سٽ نه سهندي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*