راولپنڊي ۾ 3 پوليس اهلڪارن سميت 4 جوابدارن عورت کي اغوا بعد مبينا طور زيادتي جو نشانو بڻائي ڇڏيو

راولپنڊي ۾ 3 پوليس اهلڪارن سميت 4 جوابدارن عورت کي اغوا بعد مبينا طور زيادتي جو نشانو بڻائي ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته اهلڪار نصير، راشد منهاس، عظيم ۽ عامر کي گرفتار ڪيو آهي.

راولپنڊي ۾ روات ٿاڻي جي حد ۾ هڪ عورت ٽن پوليس اهلڪارن سميت چئن ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪرايو، جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو ته ڪاري رنگ جي شيشن واري گاڏي ۾ سوار پوليس اهلڪارن کيس هاسٽل ويندي گاڏي روڪي اغوا ڪيو.

هن چيو ته جوابدار انهيءَ گاڏي ۾ سڄي رات کيس گهمائندا رهيا ۽ هڪ ويران جاءِ تي گاڏي روڪي کيس مبينا طور زيادتي ڪندا رهيا.

ايف آءِ آرجي متن موجب، جوابدارن 30 هزار روپيا روڪ رقم ۽ زيور ڦري ويا، جڏهن ته زيادتي بعد ٻيهر رابطو رکڻ لاءِ کيس پنهنجو فون نمبر به ڏنو.

روات پوليس متاثر عورت جي بيان تي ڪيس داخل ڪندي جاچ شروع ڪري ڇڏي.

پوليس جو چوڻ آهي ته اهلڪار نصير، راشد منهاس، عظيم ۽ عامر کي گرفتار ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*