سکر جي حالت بهتر نه آهي، آئون پاڻ سکر وڃي رهيو آهيان، شيخ رشيد

ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته سڀ چور گڏ ٿي ويا آهن، جيڪڏهن انهن کي ٻاهر ڇڏڻ جي اجازت ڏني وڃي ته سندن اتحاد ختم ٿي ويندو، عمران خان جي ڪوشش آهي ته  ڪنهن کي اين آر او نه ملي، سنڌ کي ايڊز جي ور چاڙهيو ويو آهي، اهڙن ماڻهن کي ٻڏي مرڻ گهرجي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته بلاول ڀٽو زرداري سان منهنجو ٺاهه ٿي ويو آهي، ٻن دلين جي پاڪيزه محبت وچ ۾ لاهوري “ڪـَيدُو” بڻجي ويا آهن.

هن چيو ته سڀ چور گڏ ٿي ويا آهن، جيڪڏهن انهن کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي ته انهن جو سمورو اتحاد ختم ٿي ويندو.

شيخ رشيد چيو ته، عمران خان جي ڪوشش آهي ته  ڪنهن کي اين آر نه ملي، اهي ماڻهو گهر ويٺا هوندا آهن ۽ سندن ضمانتون منظور ٿي وينديون آهن.

هن چيو ته، وڏي عرصي تائين حڪومت ڪندڙ ڌاڙيل ملڪ جي موجوده صورحال جا ذميوار آهن، سکر جي حالت بهتر نه آهي، آئون پاڻ سکر وڃي رهيو آهيان.

هن چيو ته، سنڌ کي ايڊز جي ور چاڙهيو ويو آهي، اهڙن ماڻهن کي ٻڏي مرڻ گهرجي،  انهن کي شرم اچڻ گهرجي.

شيخ رشيد چيو ته، 70 سالن کان غريب سنڌين لاءِ ڪجهه نه ڪيو آهي، بي شرمن کي شرم به نه ٿو اچي، ڏند ڪڍي ڏيکارين ٿا.

وفاقي وزير چيو ته، مون کي خبر آهي ته مهانگائي ۾ واڌ ٿي آهي پر اهو سمورو گند انهن ئي ماڻهن جو آهي.

هن چيو ته، سي پيڪ خلاف سازشون ٿي رهيون آهن، قوم جا ظالمو، منهنجي ماءُ جو جنازو گهر ۾ پيو هو پر آئون ست سالن لاءِ جيل ۾ هئس، ڪجهه به ٿي پئي پر آئون هاڻي غريبن جي ڀاڙن ۾ واڌ نه ڪنداسن.

شيخ رشيد چيو ته سي پيڪ خلاف سازشون ٿي رهيون آهن، عالمي طاقتون نه ٿيون چاهين ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ لاڳاپا مضبوط ٿين.

هن چيو ته، پنج ارب روپين جي لاڳت سان نئين ٽرين هلائينداسين، آئون چاهيان ٿو ته 18 ۽ 19هين گريڊ جي آفيسرن کان ڪم وٺان، ڇاڪاڻ ته آئون وڏن آفيسرن کان تنگ اچي چڪو آهيان.

شيخ رشيد چيو ته، 21 ۽ 22 گريڊ جا آفيسر ڪم نه ٿا ڪن، ڪراچي ۾ حددخلين بابت عدالتي حڪم تي عمل ڪنداسين،.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*