دادو ۾ معذورن سرڪاري کاتن ۾ معذور ڪوٽا تي نوڪريون نه ملڻ خلاف چوٿين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو

دادو ۾ معذورن سرڪاري کاتن ۾ معذور ڪوٽا تي نوڪريون نه ملڻ خلاف چوٿين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو.

معذورن لالا اعظم، محمد نواز ڀنڊ  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب  آڏو چوٿين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

 معذورن چيو ته معذور ڪوٽا تحت نوڪريون، زڪوات فنڊ  ۽ ٻيون مراعتون نه ملڻ ٻيا سبب فاقا ڪشي جي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.

 هنن الزام هنيو ته  معذورن جا اڳواڻ آفسرن سان ملي ڀڳت ڪري فنڊن جا لکين رپيا ھڙپ ڪري رهيا آهن.

 هنن مطالبو ڪيو ته معذورن جا جائز مسئلا حل ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*