نيازي صاحب رڳو ماڻهن کي گاريون ڏئي سگهي ٿو پر گارين سان ملڪ نه ٿو هلي سگهي، شهباز شريف

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف گيس جي اگهن ۾ 45 سيڪڙو واڌ واري فيصلي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته وقت ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته نيازي صاحب رڳو ماڻهن کي گاريون ڏئي سگهي ٿو پر گارين سان ملڪ نه ٿو هلي سگهي، نيازي حڪومت ملڪي معاملن کي هلائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي.

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف گيس جي اگهن ۾ 45 سيڪڙو واڌ واري فيصلي کي فوري طور واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

لنڊن مان جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف چيو ته وقت ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته نيازي صاحب رڳو ماڻهن کي گاريون ڏئي سگهي ٿو پر گارين سان ملڪ نه ٿو هلي سگهي.

هن چيو ته گيس جي اگهن ۾ واڌ کي رد ڪيون ٿا، اهڙو فيصلو فوري طور واپس ورتو وڃي، گيس، بجلي، پيٽرول ۽ عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ تمام گهڻو اضافو ڪيو ويو آهي، عوام ڪيئن زنده رهندو ۽ ڪاروبار ڪيئن ڪندو؟.

مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته مهانگائي ۽ معاشي صورتحال کي ڏسندي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 30 هزار رپيا ڪئي وڃي، پگهاردار طبقي جي پگهار ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 هزار روپين جو فوري رليف ڏنو وڃي.

هن چيو ته نيازي حڪومت ملڪي معاملن کي هلائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي، ملڪي معشيت اهڙي ريت ئي ٻڏندي رهي ته قومي سلامتي لاءِ سنگين خطرو بڻجي ويندي.

هن چيو ته نالائق ۽ نااهل ٽولو ملڪ ۽ قوم جي مفادن تي تجربا ڪرڻ بدران گهر کي هلايو وڃي، قوم سڀ کان وڏي تبديلي اها چاهي ٿو ته نااهل ۽ نالائق ٽولو تبديل ٿي وڃي.

شهباز شريف چيو ته نيازي صاحب جي نالائقي معشيت کي ايشيا ۾ بدترين معشيت بڻائي ڇڏيو آهي.

نواز ليگ اڳواڻ چيو ته، هن وقت ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته نيازي صاحب ماڻهن کي رڳو گاريون ڏئي سگهن ٿا پر گاريون ڏيڻ سان ملڪ نه هلندو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*