وزيراعظم نواز شريف، ڪراچي ۾ پوليس تي حملن جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي

وزيراعظم نواز شريف، ڪراچي ۾ پوليس تي حملن جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، وزيراعظم چيو آهي ته ڪراچي ۾ مڪمل امن جي بحالي حڪومت جي اولين ترجيح آهي.

وزيراعظم هائوس پاران جاري ڪيل بيان موجب، ميان نواز شريف، ڪراچي ۾ پوليس تي حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي لاڳاپيل اختيارين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

وزيراعظم پوليس آفيسرن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي شهيدن جي وارثن سان تعزيت ڪئي آهي.

وزيراعظم جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ مڪمل امن جي بحالي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، امن امان لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن.

واضح رهي ته گلشن حديد ۾ پوليس تي فائرنگ جي نتيجي ۾ ڊي ايس پي سميت 3 اهلڪار شهيد ٿي ويا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*