ڪراچي آپريشن کانپوءِ شهر جون حالتون بهتر ٿيون آهن، وزيراعظم نواز شريف

وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ڪراچي آپريشن کانپوءِ شهر جون حالتون بهتر ٿيون آهن، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀتي خوري جي واقعن ۾ گهٽتائي آئي آهي، اقتصادي راهداري منصوبي سان هڪ صوبي نه پر سڄي ملڪ کي فائدو ٿيندو، ملڪ مان اونڌاهي ۽ دهشتگردي جو خاتمو حڪومت جي اولين ترجيح آهي.

گورنر هائوس پشاور ۾ برسات متاثرن ۾چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته کيس برسات ۽ طوفان سبب جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس آهي.

هن چيو ته هڪ سئو 10 ڪلوميٽرز جي رفتار سان آيل طوفان جي موسميات کاتي پاران اڳواٽ آگاهي نه ڏني وئي هئي، جنهن سبب وڌيڪ نقصان ٿيو.

وزيراعظم چيو ته حڪومت پاران متاثرن ۾ ورهائي ويندڙ امداد جانين جو نعم البدل ناهي پر ان سان گهٽ ۾ گهٽ متاثرن جي تڪليف گهٽ ٿيندي.

وزيراعظم نواز شريف وڌيڪ چيو ته برساتن متاثرن جي بحالي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، هن ڏکي وقت ۾ کين اڪيلو نه ڇڏيو ويندو.

ڪراچي جي صورتحال تي ڳالهائيندي وزيراعظم جو چوڻ هو ته ٽارگيٽيد آپريشن کانپوءِ ڪراچي جون حالتون بهتر ٿيون آهن، ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ گهتتائي آئي آهي ۽ ڀتي خوري جا واقعا تقريبن ختم ٿيا آهن.

هن چيو ته ڪراچي آپريشن کانپوءِ صورتحال مان شهري به خوش آهي، شهر ۾ جاري آپريشن کي منقطي انجام تائين پهچايو ويندو.

وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ مان اونڌاهي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، جيستائين ملڪ ۾ امن قائم نه ٿيندو، تيستائين ترقي نه ايندي.

نواز شريف جو چوڻ هو ته پاڪ-چين اقتصادي راهداري منصوبي سان رڳو هڪ صوبي کي نه پر سڄي ملڪ کي فائدو ٿيندو، منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان ملڪ مان اونڌاهي ختم ٿيندي.

وزيراعظم چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان کي 100 ارب ڊالرز جو نقصان ٿيو ۽ معيشت متاثر ٿي.

هن چيو ته پاڪ فوج دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي رهي آهي ۽ آءِ ڊي پيز جي بحالي ۾ به فوج جو ڪردار اهم آهي.

خطاب بعد وزيراعظم نواز شريف برسات متاثرن ۾ چيڪ ورهايا، جنهن دوران گورنر ڪي پي ڪي سردار مهتاب عباسي، وڏو وزير پرويز خٽڪ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*