پشاور جي ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ ڊاڪٽرن 2 ڏينهن لاءِ هڙتال ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

پشاور جي ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ ڊاڪٽرن 2 ڏينهن لاءِ هڙتال ختم ڪرڻ جواعلان ڪري ڇڏيو، ڊاڪٽرن پاران خيبر ٽيچنگ اسپتال ۽ حيات آباد ميڊيڪل ڪمپليڪس سميت ٻين سمورين اسپتالن ۾ هڙتال جاري آهي، ڊاڪٽر سراج الاسلام چيو آهي ته جيڪڏهن ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي ٿي ته ڳالهين جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏينداسين.

صحت جي صوبائي وزير ڊاڪٽر هشام انعام الله جي اڍنگي رويي خلاف خيبرپختونخواهه جي سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽرز 4 ڏينهن کان هڙتال تي آهن، جنهن سبب مريضن کي سخت ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

خيبرپختونخواهه ڊاڪٽرز ڪائونسل جي ڪنوينئر ڊاڪٽر سراج الاسلام جو چوڻ اهي ته ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ اڄ ۽ سڀاڻي او پي ڊيز کليل رهنديون، جڏهن ته خيبر ٽيچنگ اسپتال حيات آباد ميڊيڪل ڪمپليڪس سميت ٻين سمورن اسپتالن ۾ هڙتال جاري رهندي .

ڊاڪٽر سراج الاسلام چيو ته وڏي وزير محمود خان 21 تي گهرايو آهي، ملاقات  کانپوءِ ايندڙ حڪمت عملي طئي ڪئي و يندي.

ڊاڪٽرز ڪائونسل جي ڪنوينئر چيو ته ڊاڪٽرن خلاف ڪا به ڪارروائي ڪئي ته ڳالهين جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏينداسين ۽ صحت واري وزير ڊاڪٽر هشام انعام الله جي موجودگي ۾ ڪنهن به قسم جون ڳالهيون نه ڪيون وينديون.

واضح رهي ته 16 مئي تي خيبر ٽيچنگ اسپتال ۾ وزيراعظم عمران خان جي سئوٽ ڊاڪٽر نوشيروان برڪي ۽ ايسوسي ايٽ پروفيسر ڊاڪٽر ضياءَ الدين وچ ۾ تڪرار ٿيو هو، جنهن دوران ڊاڪٽر ضياءَ تي الزام لڳايو ته صحت واري وزير هشام انعام الله جي محافظن کيس تشدد جو نشانو بڻايو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*