نواز شريف العزيه ريفرنس ۾ 7 سال قيد جي سزا معطلي لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر اسلام هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف العزيه اسٽيل ملز ريفرنس ۾ 7 سال قيد جي سزا معطلي لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر اسلام هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته طبي بنيادن تي سزا معطل ڪري نوازشريف کي آزاد ڪيو وڃي.

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف العزيه اسٽيل ملز ريفرنس ۾ 7 سال قيد جي سزا معطلي لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر اسلام هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي.

طبي بنيادن تي سزا معطلي درخواست سان گڏ ڊاڪٽرز جي راءِ ۽ ميڊيڪل رپورٽس به لڳائي وئي آهي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڊاڪٽرن نواز شريف جي صحت کي ڳڻتي جوڳي قرار ڏنو آهي، طبي بنيادن تي سزا معطل ڪري نوازشريف کي آزاد ڪيو وڃي.

واضح رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ان کان اڳ نوازشريف جي طبي بنيادن تي سزا معطلي جي درخواست رد ڪري چڪي آهي، جنهن بعد سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*