ڊي ايس پي عبدالفتاح سانگري کي ٽارگيٽ بڻائي شهيد ڪيو ويو، آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي

 آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي چيو آهي ته ڊي ايس پي عبدالفتاح سانگري کي ٽارگيٽ بڻائي شهيد ڪيو ويو، سنڌ پوليس هڪ بهادر آفيسر کان محروم ٿي وئي آهي.

ڊي ايس جي جي قتل کان پوءِ واقعي واري هنڌ پهچي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي آءِ جي غلام حيدر جمالي چيو ته دهشتگردن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو.

هن چيو ته ڊي ايس پي جي شهادت ڪراچي آپريشن جو رد عمل ٿي سگهي ٿو.

غلام حيدر جمالي چيو ته ڊي آءِ جي ايسٽ، ايس ايس پي پير محمد شاهه ۽ ٻين تي ٻڌل جاچ ٽيم واقعي جي جاچ ڪندي.

هن چيو ته رائو انوار ڏوهارين خلاف ڪارروايون ڪري هڪ وڏو مثال قائم ڪيو ،سندس خدمتن کي وساري نٿو سگهجي.

آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ ڏوهن جي شرح ۾ گهٽائي ٿي آهي ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروايون جاري رکيون وينديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*