سنڌ يونيورسٽي انتظاميا دهشتگردن سان مبينا تعلق سبب نورين لغاري کي داخلا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

دهشتگرد تنظيم سان تعلق ظاهر ٿيڻ تي  لمس پاران داخلا رد ڪيل شاگردياڻي نورين لغاري کي سنڌ يونيورسٽي انتظاميا به داخلا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، نورين جي پيءُ عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته سندس ڌيءَ کي دهشتگرد اغوا ڪر يويا هئا، جيڪا ٻن سالن بعد دهشتگردن جي چنبي مان فرار ٿي گهر پهتي سنڌ يونيورسٽي انتطاميا فيس وٺڻ باوجود داخلا نه پئي ڏئي.

سنڌ يونيورسٽي انتظاميا دهشتگردن سان مبينا تعلق سبب نورين لغاري کي داخلا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌ يونيورسٽي انتظاميا جو چوڻ آهي ته نورين فارم ۾ حقيقتون لڪايون ۽ تنهنڪري کيس داخلا نه ٿي ڏئي سگهجي.

يونيورسٽي انتظاميا موجب نورين جا دهشتگرد تنظيمن سان تعلق ظاهر ٿيل آهن، تنهنڪري کيس داخل نه ٿي ڏئي سگهجي.

نورين لغاري جي والد حيدرآباد جي عدالت ۾ يونيورسٽي انتظاميا خلاف پٽيشن داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته يونيورسٽي انتظاميا انٽري ٽيسٽ پاس ڪرڻ ۽ فيس وٺڻ باوجود سندس ڌيءَ کي داخلا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

نورين جي والد جو چوڻ آهي ته سندس ڌيءَ کي 2017 ۾ دهشتگرد اغوا ڪري ويا هئا، جيڪا ٻن سالن بعد دهشتگردن جي چنبي مان فرار ٿي گهر پهتي ۽ لمس وڃڻ لڳي ته يونيورسٽي انتطاميا ۽ شاگردن جي روئيي کيس يونيورسٽي ڇڏڻي پئي ۽ هن سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ پاس ڪئي ۽ فيس به ادا ڪئي پر هاڻي يونيورسٽي انتظاميا کيس داخلا ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*