پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته هي ابو بچايو نه ملڪ بچايو مهم آهي

پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته هي ابو بچايو نه ملڪ بچايو مهم آهي، وزير تيل ڪڍڻ ۽ نوڪرين جي ڳالهه ڪن پيا، پر هنن ته عوام جو ئي تيل ڪڍي ڇڏيو آهي.

ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبلي جي ميڊيا ڪارنر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته رمضان سبب ماڻهو خاموش آهن، عوام هر ڪنڊ ۾ ڊي چوڪ ٺاهي ويٺو آهي، روزن جو احترام ڪيون پيا رمضان کانپوءِ تحريڪ شروع ڪنداسين.

هن چيو ته ڊالر اڏامي پيو ۽ مهانگائي رڪڻ جو نالو نه پئي وڃي، ڇا اهڙي صورتحال ۾ سياستدان حڪومت کي اهو به نه چون ته اوهان جي نااهلي آهي.

پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو  ته پي ٽي آءِ جيڪو چيو ان ۾ ناڪامي ٿي ۽ انهن کي آءِ ايم ايف وٺ وڃڻو پيو، پهريون ڀيرو پاڪستان جي تاريخ ۾ آءِ ايم ايف پاڻ بجيٽ بڻائي رهيو آهي، اسان کي صلاح ملندي هئي پر هاڻي پاڻ اچي ويهي رهيا آهن.

خورشيد شاهه چيو ته عليم خان هڪ مهينو ڏيکاءُ لاءِ جيل ۾ رهيو، شرجيل ميمڻ 20 ميهنن کان جيل ۾ آهي اهو انصاف سان مذاق ناهي ته ڇا آهي؟

پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو ته نيب چيئرمين کي مشورو ۽ گذارش ڪندس ته پريس ڪانفرنس ڪري سياست جو حصو نه بڻجڻ گهرجي، پشاور ۾ ميٽرو 33 ارب مان 125 ارب تي پهچي وئي، پر ان جو ڪو به نوٽيس نه پيو وٺي.

خورشيد شاهه چيو ته خان صاحب ته مودي مان اميد لڳايون ويٺو آهي ته هو ڪشمير مسئلو حل ڪندو…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*