وفاقي سرڪار معاشي روڊ ميپ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

وفاقي سرڪار معاشي روڊ ميپ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.  فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ناڻي وارو صلاحڪار ڇنڇر ڏهاڙي عوام آڏو معاشي روڊ ميپ پيش ڪندو ۽ ماضي ۾ معيشت تي ٿيل آپگهاتي حملن بابت عوام کي آگاهه ڪندو.

وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سڌ سماءَ واري صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪامياب نوجوان پروگرام تحت پنج لک تائين جي لون تي 6 سيڪڙو ۽ پنج لک کان وڌيڪ تي 8 سيڪڙو وياج جي شرح هوندي.

هن چيو ته نواز شريف جي بيماري جو بيانيو به تبديل ٿيندو رهي ٿو، کيس ڪهڙي پراسرار بيماري آهي جو گهر اچي ٿو ته بهتر ٿي وڃي ٿو.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اپوزيشن نيب کي ڌمڪيون ڏيڻ ۽ حملا ڪرڻ کان سوالن جا جواب ڏئي.

سندس چوڻ هو ته نيب سان لڪ ڇپ واري راند کيڏڻ مسئلن جو حل نه آهي.

سڌسماءَ واري صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو ته عمران خان ادارن جي مضبوطي تي يقين رکي ٿو.

ڪابينا اجلاس ۾ ڪامياب نوجوان پروگرام ۽ اِي سي سي جي فيصلن جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته ڊالر جي واڌ واري معاملي تي به غور ڪيو ويو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*