رتيديري ۾ وڌيڪ 10 ڄڻن کي ايڇ آءِ وي ھجڻ جي تصديق ٿي وئي

رتيديري ۾ وڌيڪ 10 ڄڻن کي ايڇ آءِ وي ھجڻ جي تصديق ٿي وئي، تعلقا اسپتال رتيديري ڪيمپ تي 450 ڄڻن جي اسڪريننگ ڪئي وئي جن مان 9 ٻارن ۽ ھڪ عورت ۾ ايڇ آءِ وي پازيٽو نڪتي.

تعلقا اسپتال رتيديري ۾ اسڪريننگ لاءِ قائم ڪيل ڪيمپ تي اڄ به اسڪريننگ جو سلسلو جاري رهيو، مختلف ڳوٺن ۽ علائقن مان آيل ٻارڙن، عورتن ۽ مردن جي اسڪريننگ ڪئي وئي.

ڪيمپ تي اڄ ڪل  450 ڄڻن جي اسڪريننگ ڪئي وئي، 10 ڄڻن کي ايڇ آءِ وي ھجڻ جي تصديق ٿي وئي آهي، جن ۾ 9 ٻار ۽ ھڪ عورت به شامل آهي. رتوديرو م مريضن جو انگ وڏي 617 ٿي ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*