پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته خطي جي صورتحال تي ڳڻتي آهي

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته خطي جي صورتحال تي ڳڻتي آهي،صورتحال کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪرغزستان ۾ چين ۽  روس  جي پرڏيهي وزيرن سان ڳالهائيندس.

ڪرغزستان جي شهر بشڪڪ روانگي کان اڳ اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته ڪرغزستان ۾ ٽي ملاقاتون طئي آهن.

هن چيو ته ڏکڻ ايشيا جي تبديل ٿيندڙ صورتحال تي تمام گهڻي ڳڻتي آهي.

هن چيو ته وطن واپسي تي اجلاس گهرايو آهي ته جنهن ۾ تبديل ٿيندڙ صورتحال جو جائزو ورتو ويندو.

هن چيو ته ايران جي پرڏيهي وزير جي آمد جي موقعي تي پاڪستان پنهنجو نقطه نظر واضح طور پيش ڪري سگهندو.

شاهه محمود قريشي چيو ته اجلاس ۾ شرڪت سان گڏ 8 ملڪن جي پرڏيهي وزيرن  سان نويڪلائي ۾ ملاقاتون ڪندس.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*