خيبرپختون خواه ۾ ستن ڏينهن کان جاري سرڪاري اسپتالن جي ڊاڪٽرن هڙتال ختم ڪري ڇڏي

خيبرپختون خواه ۾ ستن ڏينهن کان جاري سرڪاري اسپتالن جي ڊاڪٽرن هڙتال ختم ڪري ڇڏي آهي.

جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اڄ کان ڊاڪٽر او پي ڊي ۾ ڊيوٽي ڏيڻ لاءِ پهچي ويا.

ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته هڙتال ختم ڪرڻ جو فيصلو وڏي وزير محمود خان سان ڳالهين بعد ڪيو ويو.

ڪي پي ۾ صحت جي وزير پاران ڊاڪٽرن کي مارڪٽ ڪرڻ کانپوءِ اڻ ڄاڻايل مدي تائين هڙتال ڪئي وئي.

وڏي وزير سان ڊاڪٽرن جي ملاقات ۾ ڊاڪٽر ضياءَ الدين تي تشدد واري معاملي تي  پشاور جي ڪمشنر  ۽ هوم سيڪريٽري تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا چئن هفتن ۾ رپورٽ پيش ڪندي،حڪومت ڊاڪٽرن کي جاري ڪيل شوڪاز نوٽيس واپس وٺڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*