پوري ملڪ جيان سنڌ ۾ به اڄ مزدورن جي عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي

پوري ملڪ جيان سنڌ  ۾ به مزدورن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، مزدورن جي حقن لاءِ ريليون ڪڍي شڪاگو جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

ميرپورخاص  ۾ ايس ٽي پي، پيپلز ليبر بيورو ۽ مزدور اتحاد پاران ڌار ڌار ريليون ڪڍي شڪاگو جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

 نوابشاهه ۾ واپڊا هائڊرو اليڪٽرڪ يونين، هاري ويلفيئر ايسوسئيشن ۽ آل پيپلز پيرا ميڊيڪل يونين پاران ڌار ڌار ريليون ڪڍي پريس ڪلب آڏو جلسو ڪرايو ويو.

 ڪنڌڪوٽ ۾ مزدور ليبر يونين پاران  حيبت خان باجڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اناج منڊي کان ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو ويو.

لاڙڪاڻي ۾  مزدورن جي عالمي ڏينهن  تي وطن دوست مزدور فيڊريشن ۽ امپلائيز فيڊريشن پاران ڌار ڌار ريليون ڪڍي   جلسا ڪرايا ويا.

سانگهڙ ۾ پورهيت عورتن پاران دلبر چوڪ کان پرس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي.

ٽنڊي محمد خان ۾ ايس ٽي پي، پيپلزليبر بيورو ۽ ميونسپل مزدور يونين پاران ڌار ڌار ريليون ڪڍي شڪاگو جي شهيدن جي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

  خيرپورناٿن شاهه ۾ مختلف مزدور تنظيمن پاران غلام حيدر ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  ريلي ڪڍي بس اسٽاپ وٽ جلسو ڪيو ويو.

ميروخان ۾ پورهيتن جي عالمي ڏينهن تي مزدورن پاران ريلي ڪڍي شڪاگو جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

    شهدادڪوٽ ۾ ليبر  يونين پاران ريلي ڪڍي ڪوٽو موٽو چوڪ تي جلسلو ڪري مزدورن جي حقن کي اجاڳر ڪيو ويو.

نصير آباد ۾ مزدور يونين ۽پيپلزپارٽي پاران سينگار علي نوناري ۽ ڪريم بخش شيخ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي شڪاگو جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

قمبر، جوهي، باڊهه، شهدادپور، تنگواڻي، ڪنري، نئين ديري، ڊگهڙي، ٺل سڪرنڊ ۽ ٻين شهرن ۾ مزدورن جي حقن لاءِ ريليون ڪڍي شڪاگو جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سرمائيداري نظام پورهيت طبقي کي پيڙهيو آهي.

هنن چيو ته حق وٺڻ لاءِ شڪاگو جي شهيدن جهڙي قرباني ڏيڻ جي ضرورت آهي.

اڳواڻن مطالبو ڪيو ته پورهيو ڪندڙن کي قانون ۽ انصاف موجب اجورو ڏئي محنت ڪندڙن جو قدر ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*