ڪراچي جي نيو سبزي منڊي ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو

ڪراچي جي نيو سبزي منڊي ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، واقعي بعد سبزي مندي بند ٿي وئي آهي.

نيو سبزي منڊي ۾ ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ڌرين هڪٻئي تي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا.

فائرنگ جي نتيجي ۾ سيف الرحمان نالي هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ 4 ڄڻا زخمي به ٿي پيا.

ڌرين ۾ فائرنگ سبب سبزي مندي ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ ڪاروبار بند ٿي ويو آهي.

ايس ايس پي ملير موجب فائرنگ ڪندڙ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*