عيد کانپوءِ منهنجي ميزباني ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس ٿيندي، مولانا فضل الرحمان

جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عيد کانپوءِ منهنجي ميزباني ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس ٿيندي، جنهن ۾ مخالف ڌر جي سمورين پارٽين کي شرڪت جي دعوت ڏني ويندي.

جاري ڪيل ويِڊيوبيان ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته اي پي سي حڪومت خلاف گڏيل حڪمت عملي جوڙي ويندي،.

هن چيو ته سمورين پارٽين اتفاق راءِ سان 2018 جي چونڊن کي رد ڪري ڇڏيو هو.

جي يو آئي امير  چيو ته ڪارڪن پرعزم رهن، جلد اسلام آباد ۾ قومي سطح جو مارچ ٿيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*