لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج وزير اعظم عمران خان جي خلاف داخل درخواستن جي ٻڌڻي کان معذرت ڪري ڇڏي

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج وزير اعظم عمران خان جي خلاف داخل درخواستن جي ٻڌڻي کان معذرت ڪري ڇڏي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس شاهد ڪريم وزير اعظم جي پرڏيهي دورن  تي خرچن جا تفصيل فراهم ڪرڻ لاءِ مختلف درخواستن  جي ٻڌڻي کان معذرت ڪئي.

جج  ڪيس کي ڪنهن ٻئي عدالت ۾ مقررڪرڻ لاءِ فائل چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ کي موڪلي ڇڏيو.

جسٽس شاهد ڪريم لائرز فائونڊيشن  فار جسٽس جي مختلف درخواستن تي شنوائي دوران چيو ته هو ان ڪيس جي ٻڌڻي ڪرڻ نٿو گهري.

درخواست گذار جي وڪيل اي ڪي ڊوگر  چيو ته منهنجو ڪوبه ڪيس  شنوائي لاءِ مقرر ٿئي ٿو ته ان کي ٻئي عدالت ڇو موڪليو وڃي ٿو؟

جسٽس شاهد ڪريم ريمارڪس ڏنا ته هي ان جو صوابديدي اختيار آهي،هو ان ڪيس جي شنوائي ڪرڻ نٿو گهري.

لائرز فائونڊيشن فار جسٽس جي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عمران خان عوام سان وعدو ڪيو هو ته هو خاص جهازن ۾ سفر نه ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*