ڏوڪري تعلقي جي شھر سيھڙ ۾ ھڪ ٻارڙيءَ ۾ پوليو ظاھر ٿيڻ بعد ٻيهر پوليو مهم شروع  ڪئي وئي

ڏوڪري تعلقي جي شھر سيھڙ ۾ ھڪ ٻارڙيءَ ۾ پوليو ظاھر ٿيڻ بعد ٻيهر پوليو مهم شروع  ڪئي وئي آهي، مهم دوران  ڏوڪري تعلقي ۽ باقراڻي تعلقي جي 3 يونين ڪائونسلز ۾  ٻارڙن کي  پوليو جا ڦڙا پياريا پيا وڃن.

ڏوڪري تعلقي جي شھر سيھڙ ۾ ڪجه ڏينهن اڳ ھڪ ٻارڙيءَ ۾ پوليو ظاھر ٿيڻ بعد ڊبليو ايڇ او پاران ٻيهر  پوليو مهم شروع ڪئي وئي آهي، ڊي ايڇ او جي نگراني ۾  ڏوڪري تعلقي ۽ باقراڻي تعلقي جي 3 يونين ڪائونسلز ۾ پوليو مهم جا رضاڪار  5 سالن کان ننڍي عمر وارن ٻارڙن کي  پوليو کان بچاءَ  جا ڦڙا پياري رهيا آهن.

ڪجهه ڏينهن اڳ سيھڙ واسي ٻارڙي فضا گاڏھي کي پوليو هجڻ  جي تصديق ٿي هئي، جينو ٽائيپنگ ٽيسٽ ۾ ٻارڙي کي ڪراچي جي گڏاپ واري علائقي مان پوليو جو وائرس لڳڻ جي تصديق ٿي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*