سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ناري تعلقي ۾ ٻيلي کاتي جي زمين 2 هفتن اندر خالي ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ  سکر پاران ناري تعلقي ۾ ٻيلي کاتي جي 400 ايڪڙ زمين 2 هفتن اندر خالي ڪرائي ٻيلي کاتي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيف سيڪريٽري کي ٻيلي کاتي جي آفيسرن کي فنڊ ۽ سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ  سکر ۾ ناري تعلقي ۾ ٻيلي کاتي جي 400 ايڪڙ زمين جي با اثرن کي الاٽمينٽ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جسٽس محمد شفيع صديقي ۽ جسٽس ظفر احمد راجپوت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

 ڪمشنر سکر رفيق ٻرڙو عدالت کي آگاهه ڪيو ته روينيو کاتي ٻيلي کاتي جي زمين جي جعلي ليز جاري ڪئي، جيڪا رد ڪئي وئي آهي.

عدالت 2 هفتن اندر خالي ڪرائي ٻيلي کاتي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته  ٻيلي کاتي جي آفيسرن کي فنڊ ۽ سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي.

ڊي ايف او خيرپور ضياد الله لغاري ناري تعلقي جي بلاڪ 2 ۾ ٻيلي کاتي جي 400 ايڪڙ زمين روينيو کاتي پاران جعلي الاٽمينٽ ڪري 25 ماڻهن کي ڏيڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*