اسلام آباد ۾ معصوم فرشته جي قتل واري واقعي تي شرمسار آهيون، سراج الحق

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته اسلام آباد ۾ معصوم فرشته جي قتل واري واقعي تي شرمسار آهيون، قصور جي زينب کانپوءِ 2 هزار ٻارڙين سان اهڙا واقعا پيش اچي چڪا آهن، ٻارڙين جي قاتلن کي سرعام سزا ڏيڻ گهرجي.

معصوم ٻارڙي جي والد سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته وزير اعظم جي چوڌاري چاپولوسن جو ٽولو سڀ سٺو آهي جي رپورٽ ڏئي ٿو،احتجاج نه ڪريون ته انڌا ۽  ٻوڙا حڪمران ٻڌن ئي نٿا.هن خبردار ڪيو ته حڪومت  ڪرڻ عياشين مان مزا ماڻڻ  جو نالو ناهي.

جماعت اسلامي جي امير چيو ته معصوم ٻارڙي  فرشته جو اغوا حڪومت ۽ اسان  جي معاشري جي گڏيل ناڪامي آهي.

هن چيو ته مهذب معاشري ۾ جانور به غائب ٿي وڃي ته انتظاميا ذميدار هوندي آهي.هن سوال ڪيو ته پوليس سڌارن جا حڪومتي دعوا ڪيڏانهن ويا؟

هن چيو ته اهڙن واقعن سان پوري دنيا ۾  پاڪستان  جو اميج خراب ٿيو آهي.

هن عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته وزير اعظم چيو ته حڪومت  ڪرڻ آسان آهي، وزير اعظم جو بيان  لڏو کائڻ جي برابر آهي، حڪومت ڪرڻ آسان ناهي، تمام ڏکيو ڪم آهي.

هن چيو ته حضرت عمر چوندو هو ته  ڪو جانور به بک ۾ مري وڃي ته قيامت ڏينهن ان کان پڇاڻو ٿيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*