رتوديرو ۽ ڀرپاسي ۾ايڊز جو وائرس ايڇ آءِ وي پکيڙڻ جو ذميوار ڊاڪٽر مظفر گهانگهرو کي قرار ڏنو ويو آهي

44441353 – sample blood collection tube with hiv test label on hiv infection screening test form.

رتوديرو ۽ ڀرپاسي ۾ايڊز جو وائرس ايڇ آءِ وي پکيڙڻ جو ذميوار ڊاڪٽر مظفر گهانگهرو کي قرار ڏنو ويو آهي، اهڙي رپورٽ ڊائريڪٽر اينٽي ڪوئيڪري ڊاڪٽر اياز لطيف سنڌ جي صحت کاتي کي به اماڻي ڇڏي.

 رتوديرو ۽ ڀرپاسي ۾ايڇ آءِ وي خطرناڪ حد تائين پکڙجڻ کانپوءِ سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن ڪارروائي ڪندي ڊاڪٽر مظفر گهانگهرو کي گرفتار ڪري سندس ڪلينڪ سيل ڪئي هئي.

ايڊز جي وائرس جي پکيڙ واري معاملي جي ٽيڪنيڪل جاچ دوران ڊاڪٽر مظفر گهانگهرو کي ايڇ آءِ وي پکيڙڻ جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي.

ڊائريڪٽر اينٽي ڪوئيڪري ڊاڪٽر اياز لطيف طرفان هيلٿ سيڪريٽري کي اماڻيل رپورٽ موجب ايڇ آءِ وي پازيٽو آيل ڪيترن ئي مريضن ڊاڪٽر مظفر گهانگهرو جي ڪلينڪ تان علاج ڪرايو هو، ڊاڪٽر مظفر ضابطن کان هٽي مريضن جو علاج ڪيو.

رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽر مظفر گهانگهرو پاڻ به ايڇ آءِ وي جو شڪار آهي، جاچ دوران هو پنهنجي ڪلينڪ جي رجسٽريشن به ثابت نه ڪري سگهيو آهي.

 رپورٽ موجب ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ڊاڪٽر مظفر گهانگهرو مٿان ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايڇ آءِ وي پازيٽو آيل ماڻهن جي ڪيسن جا تفصيل ۽ ڊاڪٽر مظفر گهانگهرو جي ڪيل علاج جي هسٽري سندس ڪلينڪ تان هٿ ڪري ورتي آهي، مريضن  ۽ ڊاڪٽر مظفر گهانگهرو جي وائرس جي تشخيص لاءِ به ڪوششون ڪيون پيون وڃن.

رپورٽ ۾ ڊاڪٽر مظفر تي ضابطن تي ڀڃڪڙي تي ڏنڊ لاڳو ڪرڻ، سندس خاندان، دوستن ۽ مٽن مائيٽن جي بلڊ اسڪريننگ ڪرائڻ  جون به سفارشون ڪيون ويون آهن

 

جون سفارش

چيف سيڪريٽري

لاڙڪاڻو: سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي رپورٽ جاري

ڊاڪٽر مظفر گهانگهرو واري معاملي بابت سنڌ حڪومت کي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، رپورٽ ۾شروعاتي طور تي لاڙڪاڻي جي ڊي سي کان مليل ڄاڻ موجب ڊاڪٽر مظفر وٽان علاج ڪرائيندڙ ٻارن جي علاج جي هسٽري

۾ثا 200 ٻارڙا اچڻ ۽ دوا وٺڻ جو اعتراف ڪيو، ڊي سي جڏهن ڊاڪٽر مظفر جي ٽيسٽ ڪرائي ته هو پاڻ به پازيٽو آيو

سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن وٽ پنهنجي رجسٽريشن ثابت نه ڪري سگهيو، لائسنس به رنيو نه ڪرايو هو، جنهن کانپوءِ سندس اسپتال سيل ڪئي وئي

 

ثبوت ملڻ کانپوءِ معاملي جي اعليٰ سطح جي جاچ ڪرائي وڃي، علاج جي طريقيڪار جي جاچ، سموري خاندان جي بلڊ اسڪريننگ ڪرائي وڃي، دوستن جي به اسڪريننگ ڪرائي وڃي،ايفيڊي مائيولاجيڪل اينڊ بايو ڪيميڪل آف ايفيڪٽيڊ

سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي قانون جي ڀڃڪڙي تي هن مٿان 2017ع کان ڏنڊ لاڳو ڪيو وڃي،

پي ايم ڊي سي کي ڊاڪٽر مظفر خلاف وڌيڪ ڪارروائي لاءِ لکيو وڃي

صوبي ۾جيڪي به بلڊ بينڪون آهن، انهن کي پابند بڻايو وڃي ته اهي بلڊ اسڪريننگ ڪن، مستقبل ۾اهڙن هاڃن کان بچڻ لاءِ شعور پکيڙيو وڃي، هاءِ رسڪ گروپ انجيڪشن ذريعي نشو ڪندڙ، حجم، وڏيون گاڏيون هلائيندڙ ڊرائيور، ميڊيڪل سروسز ڏيندڙ عملي جي بلڊ اسڪريننگ ڪرائي وڃي،

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*