ورلڊڪپ کيڏڻ وڏي اعزاز کان گهٽ نه آهي، محمد حفيظ ،

ڪرڪيٽ ورلڊڪپ 2019 جي قومي اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن نيئن ڪٽ ۾ ورلڊڪپ جي حوالي سان پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي آفيشل اڪائونٽ تي قومي ڪرڪيٽ نئين ڪٽ پهري وڊيو پيغام جاري ڪيو،جنهن ۾ انهن ڪرڪيٽ ورلڊڪپ لاءِ پنهنجي جذبن  جو اظهار ڪيو.

پاڪستان ٽيم جي قيادت ڪندڙ سرفراز احمد جو چوڻ هو ته ورلڊڪپ اهڙو ايونٽ جي جنهن ۾ رانديگر هيروز ٿيندا آهن.

هن چيو ته قومي ٽيم جي ڀرپور ڪوشش هوندي ته ملڪ لاءِ سٺي ڪارڪردگي جومظاهرو ڪن،جيئن ماڻهون کين سٺن لفظن ۾ ياد ڪن.

سنييئر رانديگر شعيب ملڪ نئين ڪٽ جي حُوالي سان چيو ته پاڪستان جي ڪٽ پهرڻ تي فخر محسوس ٿيندو آهي ۽ هو گهڻو پراميد آهي ته ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ۾ سٺي ڪارڪردگي جومظاهرو ڪندو.

آلرائونڊر محمد حفيظ جو چوڻ هوته ورلڊڪپ کيڏڻ سندس لاءِ وڏي اعزاز کان گهٽ نه آهي ۽ کيس ڪيريئر ۾ ورلڊڪپ کٽڻ جي ڪمي محسوس ٿيندي رهي آهي۽ هن ڀيري سڀ ملي ڪري ميگا ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين.

انڊر 19ڪرڪيٽ ورلڊڪپ کيڏڻ جي مختصر عرصي بعد قومي ٽيم ۾ شامل ٿيندڙ شاهين شاهه آفريدي جو چوڻ هوته ورلڊڪپ ۾ اسڪواڊ ۾ شامل ٿيڻ تي فخر محسوس ڪري رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*