ڀارت ۾ لوڪ سڀا جي 542 سيٽن جي لاءِ ستن مرحلن ۾ ٿيل ووٽن جي ڳڻپ اڄ به جاري

ڀارت ۾ لوڪ سڀا جي 542 سيٽن جي لاءِ ستن مرحلن ۾ ٿيل ووٽن جي ڳڻپ اڄ به جاري آهي ۽ چونڊن جو اعلان به اڄ ڪيو ويندو.

ڀارتي ميڊيا مطابق  لوڪ سڀا جي 542 سيٽن مان 327 جي ووٽن جي ڳڻپ مڪمل ٿي وئي، جن مطابق ڀارتيا جنتا پارٽي  جو اتحاد نيشنل ڊيموڪريٽڪ الائنس اڳتي آهي.

رپورٽس مطابق  هينئر تائين ٿيندڙ ووٽن جي ڳڻپ ۾ بي جي پي اتحاد 205 سيٽن تي اڳيان آهي، جڏهن ته ڪانگريس جو اتحاد يونائيٽيڊ پروگريسو الائنس 81 سيٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.

ياد رهي ته 2014 ۾ حڪومت ٺاهيندڙ ڀارتيا جنتا پارٽي ۽ ان جي اتحادين 336 سيٽون حاصل ڪيون هيون، جڏهن ته اپوزيشن پارٽي انڊين نيشنل ڪانگريس کي 60 سيٽون مليون هيون.

ٻئي طرف ڀارتي چونڊن جي آخري مرحلي ختم ٿيڻ کانپوءِ ايگزٽ پولز جاري ڪيا ويا آهن ۽ گهڻو ڪري پولز نريندر مودي جي ڀارتيا جنتا پارٽي ۽ ان جي اتحادين جي ڪاميابي جي اڳڪٿي ڪئي  آهي.

ڀارت جي اپوزيشن پارٽي ڪانگريس جي سربراهه راهول گانڌي  لوڪ سڀا جي نتيجن بابت ايگزٽ پولز جي نتيجن کي رد ڪندي چيو آهي ته ڪارڪن ڪوڙن نتيجن جي پروپئگنڊا کان مايوس نه ٿين ۽ پنهنجي محنت تي يقين رکن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*