وزيراعظم عمران خان ٻارڙي فرشته کي زيادتي بعد قتل ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد ۾ 10 ورهين جي ٻارڙي فرشته کي زيادتي بعد قتل ڪرڻ واري واقعي جو وزيراعظم عمران خان سڌي ريت نوٽيس وٺندي آءِ جي اسلام آباد ۽ ڊي آءِ جي آپريشن کان وضاحت طلب ڪري ورتي آهي، ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور به واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.

اسلام آباد ۾ مهمند قبيلي سان واسطو رکندڙ 10 ورهين جي ٻارڙي فرشته کي زيادتي بعد قتل ڪرڻ واري واقعي جو وزيراعظم عمران خان نوٽيس وٺي ڇڏيو.

وزيراعظم عمران خان آءِ جي اسلام آباد ذوالفقار عامر  ۽ ڊي آءِ جي آپريشن کان وضاحت طلب ڪندي چيو آهي ته ايف آءِ آر ۾ نامزدگي باوجود پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڇو نه ڪيو ويو.؟

ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان فرض ۾ ڪوتاهي ڪرڻ تي ڊي ايس پي عابد کي معطل ۽ ايس پي عمر خان کي او ايس ڊي بڻائي ڇڏيو  آهي.

ٻئي پاسي پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور معصوم ٻارڙي فرشتا کي ڏاڍائي بعد قتل ڪرڻ واري واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، پاڪ فوج جوابدارن جي گرفتاري ۾مڪمل سهڪار ڪندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*