اسلام آباد پوليس گلالئي اسماعيل جي خلاف دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو

 اسلام آباد پوليس پشتون تحفظ موومينٽ  جي اڳواڻ گلالئي اسماعيل جي خلاف دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

گلالئي اسماعيل جي خلاف شهري محمد ذيشان  جي درخواست تي شهزاد ٽائون ٿاڻي تي ايف آئي آر داخل ڪئي وئي آهي.

ايف آئي آر  مطابق گلالئي اسماعيل فرشته زيادتي ۽ قتل جي واقعي جو  رخ موڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي،ان جي تقرير پشتونن جي دل ۾ ملڪ جي خلاف نفرت پئدا ڪري ٿي، جيڪا بدنيتي ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهي.

ايف آئي آر مطابق گلالئي اسماعيل رياست مخالف  تقرير ڪئي ۽ تقرير ۾ عوام کي ادارن جي خلاف ڀڙڪايو ۽ نفرت پئدا ڪئي.

ٻئي طرف سڌ سماءَ بابت معاون خصوصي  فردوس عاشق  اعواڻ چيو آهي ته پي ٽي ايم وارن جو ڪردار قوم جي سامهون تڪراري ٿي ويو آهي،اسان کين معصوم ٻارڙي تي سياست ڪرڻ نه ڏينداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*