سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ پوليس ڪرپشن ڪيس ۾ جوابدارن جي وڪيل جي غيرحاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪري ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ  سنڌ پوليس ڪرپشن ڪيس ۾ جوابدارن جي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ جي غيرحاضري تي ڪاوڙ جو اظهارڪندي چيو آهي ته اوهان جن چيڪس تي صحيحون ڪيون هيون، اهي پيسا ڪيڏانهن ويا؟ اهي پئسا فرشتا کڻي ويا؟ يا فرشتن جي کيسن ۾ هليا ويا؟ هاڻ گهڻو ٿي ويو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ پوليس ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻي آءِ جي غلام حيدر جمالي، اي اءِ جي تنوير طاهر ۽ ٻين جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران عدالت هڪ ڀيرو ٻيهر جوابدارن جي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ جي غيرحاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

عدالت فاروق ايڇ نائڪ جي جونيئر کي مخطاب ٿيندي چيو ته آخر ڪيستائين اوهان جي ڳالهه ٻڌون ۽ ڪيستائين اوهان کي مهلت ڏيون.

عدالت جوابدار بشير ميمڻ کان پڇا ڪئي ته اوهان چيڪ تي صحيحون ڪيون هيون، جنهن تي جوابدار فيصل بشير ميمڻ جي وڪيل چيو ته جي ها مون صحيح ڪئي هئي.

عدالت پڇا ڪئي ته اوهان جن چيڪس تي صحيحون ڪيون هيون، اهي پيسا ڪيڏانهن ويا؟ اهي پئسا فرشتا کڻي ويا؟ يا فرشتن جي کيسن ۾ هليا ويا؟

جنهن تي جوابدار فيصل بشير ميمڻ جي وڪيل چيو ته اسان کي دليل ڏيڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي.

عدالت جوابدار فيصل  بشير ميمڻ جي وڪيل کي مخاب ٿيندي چيو ته هاڻ تمام گهڻو ٿيو، هر ڀيري مهلت نه ڏينداسين، اوهان کي اڄ ئي دليل شروع ڪرڻا پوندا.

نيب پراسيڪيوٽر چيو ته پوليس آفيسر تنوير احمد، عتيق الرحمان ۽ شفيق پلي بارگين جي درخواست ڏني هئي، جوابدارن جون درخواستون هيڊ ڪوارٽرز ڏانهن موڪلي ڇڏيون آهن.

نيب چيو ته ريفرنس ڪنٽرولر جنرل اڪائونٽس جي شڪايت تي ٺاهيو ويو، جوابدارن تي پوليس فيڊنگ فنڊ جي مد ۾ ڪرپشن جو الزام آهي.

نيب موجب، پوليس فيڊنگ فنڊ ۾ اهڪارن جي پگهارن مان به ڪٽوتي ڪئي وئي، جوابدارن پوليس گاڏين جي مرمت جي نالي تي سرڪاري ناڻي کي ڪروڙين روپين جو نقصان پهاچيو. جوابدارن ٽينڊرز بنا من پسند ماڻهن کي ٺيڪا ڏنا.

عدالت جوابار جي وڪيل جي استدعا منظور ڪندي کيس سڀاڻي تائين مهلت ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته عدالت نيب کي جوابدارن جي پلي بارگين درخواستن تي 18 اپريل تي فيصلو ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.

جوابدارن تي 15 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ قومي ناڻي کي نقصان پهچائڻ جو الزام آهي.

جوابدارن ۾ اڳوڻو اي آءِ جي تنوير احمد طاهر، فدا حسين شاهه، ڪامران راشد، اڳوڻو اي آءِ جي فيصل بشير ميمڻ، سرمد مدحت حسين، علي اصغر ۽ ٻيا شامل  آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*