پاڪستان زمين  کان زمين تائين مار ڪندڙ بيلسٽڪ ميزائل شاهين ٽو جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو

پاڪستان زمين  کان زمين تائين مار ڪندڙ بيلسٽڪ ميزائل شاهين ٽو جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو.

آءِ ايس پي آر مطابق شاهين ٽو ميزائل روايتي ۽ ايٽمي هٿيار کي 15 سو ڪلوميٽرن تائين کڻڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

آءِ ايس پي آر  پاران سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ڪامياب ميزائل تجربي جي خوشبري ٻڌائيندي چيو  ويو ته تجربي جو مقصد  هٿيار بند  فوج جي آپريشنل تيارين کي وڌيڪ بهتر بنائڻ آهي.

شاهين ٽو بابت تفصيل ٻڌائيندي آءِ ايس پي آر جي ڊي جي ميجر جنرل آصف غفور ٻڌايو ته شاهين ٽو ميزائل روايتي ۽ ايٽمي وار هيڊ  کڻڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ 15 سو ڪلوميٽرن تائين پنهنجي هدف کي ڪاميابي سان نشانو بڻائي سگهي ٿو.

هن چيو ته ميزائل ملڪي اسٽريٽجڪ ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي به  مڪمل صلاحيت رکي ٿو.

عربي سمنڊ ۾ ڪيل شاهين ٽو تجربي جو اسٽريٽجڪ پلان ڊويزن  مشاهدو ڪيو، جڏهن ته ڪمانڊ آرمي اسٽريٽجڪ فورسز ڪمانڊ چيئرمين نيسڪام، سائنسدانن ۽ انجنيئرز تجربي جومشاهدو ڪيو.ڪامياب تجربي تي صدر عارف علوي، وزير اعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنر قمر جاويد باوجوه ٽيم کي مبارڪون ڏنيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*