نالائق وزير اعظم ۽ پاڪستان گڏ هلي نٿا سگهن، راڻا ثناءَ الله

نون ليگ جي اڳواڻ راڻا ثناءَ الله چيو آهي ته نالائق وزير اعظم ۽ پاڪستان گڏ هلي نٿا سگهن،پي ٽي آئي ۾ شامل محب وطن به سمجهن ٿا ته ان نالائق وزير اعظم کي پاسيرو ڪيو وڃي،پي ٽي آئي ڪنهن ٻئي ماڻهو کي وٺي اچي، جيڪو سياستدان هجي ۽ معاملن کي سمجهڻ جي صلاحيت رکندو هجي.

ڪوٽ لکپت جيل ٻاهران ڳالهائيندي نون  ليگ اڳواڻ چيو ته هن ملڪ کي ايٽمي قوت بنائيندڙ  ليڊر کي قيد ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته عوام جي لاءِ سوچڻ جي ڳالهه آهي ته  عوام جي خدمت ڪرڻ واري کي سزا ڏني وئي آهي.

هن چيو ته نوازشريف جي خلاف اهڙا ڪيس ٺاهيا ويا آهن، جنهن جو ڪوبه منهن سر ناهي.

راڻا ثناءَ الله چيو ته عام ماڻهو ٻن ويلن  جي ماني کائي نٿو سگهي،بيماري جي صورت ۾ علاج به نٿو ڪرائي سگهي.

هن چيو ته هر ايندڙ ڏينهن دوران  معيشت جو ٻيڙو ٻڏي رهيو آهي.

نون ليگ اڳواڻ چيو ته نالائق اعظم هڪ طرف اسان سان هٿ نه ملائڻ لاءِ تيارناهي.

هن چيو ته تڪبر ۾ ورتل وزير اعظم پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي به گهٽ وڌ ڳالهايو.

ان کان اڳ ن ليگ اڳواڻ آصف ڪرماني،پير صابر شاهه ۽ افضل تارڙ ڪوٽ لکپت جيل ۾ نواز شريف سان ملاقات ڪئي.

ان موقعي ليگي ڪارڪن جيل ٻاهران پهچي ويا، جن نوازشريف جي حق ۾ نعريبازي ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*