عيد کانپوءِ حڪومت خلاف احتجاج جو لائحه عمل جوڙيو ويندو، شاهد خاقان عباسي

اڳوڻي وزير  اعظم ۽ ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته عيد کانپوءِ حڪومت خلاف احتجاج جو لائحه عمل جوڙيو ويندو،اي پي سي جو فيصلو مولانا فضل الرحمان ڪندو،بلاول ڀٽو زردري جي افطار پارٽي جي دعوت تي اسان سمورا اختلاف وساري وياسين.

ڪوٽ لکپت ۾  اڳوڻي وزير اعظم ميان نوازشريف سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت کي اسان ڪهڙو ڪيرائينداسين اها پاڻ پنهنجي وزن سان ڪري پوندي.

هن چيو ته پي ٽي آءِ جي نعرن سان ڊالر ريٽ واپس نه ايندو،معيشت تباهه ٿي وئي آهي.

هن چيو ته نيب جي اصليت  ظاهر ٿي وئي آهي، هاڻ ان کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

شاهد خاقان عباسي چيو ته ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻائيندڙ وزير اعظم سان ڪهڙو حشر ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*