فيصل آباد جي عدالت سول جج تي حملي ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي وڪيل عمران منج کي 18 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

فيصل آباد جِي دهشتگردي ٽوڙ عدالت سول جج تي حملي ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي جوابدار وڪيل عمران منج کي 18 سال ۽ 6 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.

فيصل آباد جِي دهشتگردي ٽوڙ عدالت سينيئر سول جج جج خالد محمود وڙائچ تي حملي جي ڪيس جو فيصلو ٻڌايو ۽ جوابدار کي اڍائي لک رپين جو ڏنڊ ۽ هرجاڻو به ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

پوليس موجب، 25 اپريل تي جڙانوالا جي مقامي عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻيءَ جَي موقعي تي معمولي تڪرار تان ايڊووڪيٽ عمران منج ڪرسي کڻي سينيئر سول جج کي مٿي ۾ وهائي ڪڍي ڇڏي هئي، جنهن ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو هو.

واقعي خلاف  ججز هڙتال ڪئي هئي، جنهن بعد پوليس وڪيل عمران کي گرفتار ڪيو هو ۽ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪيس هلايو ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*